SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڪڇي لهجو


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڪڇي لهجو

(Kachhi Dilect)

ڪڇ لفظ جي معنيٰ آهي ڪنڌي يا ڪنارو. ڪڇ اپ ٻيٽ آهي، جنهن کي ٽنهي پاسن کان سمنڊ آهي. سنڌ جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪڇ ، ڀڄ ۽ گجرات جا حصا سنڌ جي اثر هيٺ رهيا آهن؛ اتي هينئر به جيڪا ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، اها سنڌيءَ جي تمام ويجهي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ننڍو لهجو (sub dialect) چئي سگهجي ٿي. ڪيترين ئي ڳالهين ۾ ڪڇڪي لاڙي لهجي سان مشابهت رکي ٿي. مثال طور: ڪڇي به لاڙين وانگر پڇاڙيءَ واري اعراب ڪڍيو ڇڏين. ”ا“ هو. اچارن کي سسائين ٿا، ”هه“ جو اچار ڪيترن لفظن مان ڪڍي ڇڏين ٿا. هي عام طور تي ”اين“ جو ڊگهو اچار گڏين ٿا، مثال طور: جانورَ جناورين، ڏينهَن ، ڏينهين، مثال طور هي ”يه“ جو اچار به بدلائي گڏين ٿا. آءٌ ڪرو ڪريان“ يعني مان ڇا ڪريان. ’او-ان ۽ پنڊ‘ ضمير ڪم آڻين ٿا. ڪڇي ٻوليءَ ۾ ڏنائنس کي چون ڏنيس، ڪهڙو کي ڪيرو، کائڻ کي کيئڻ، جبل کي ڏونگر، بابو کي ٻابو، زال کي ٻائي يا ٻايڙي. اتان ۽ جتان بدران ائان ، جئان چون ٿا يعني وچ وارو ”ت“ اکر ڪڍي ڇڏين ٿا. تنهن ۽ ڪنهن بدران چون ”تين ۽ ڪين“ ڪيترن لفظن جي وچ مان ”ر“ ۽ ”ڙ“ جو اچار ڪڍي ڇڏيو اٿن. مثال طور ڳئون چارڻ بدران چون ڳئون چايڻ. ڪڇي لوڪ گيتن ۾ هو جمالو به شامل آهي، جيڪو سنڌيءَ ۾ عام آهي. ڪڇي ’هو جمالي‘ جو ڪجهه نمونو هيٺ ڏجي ٿو: اسين ماڙو ڪڇ جا – هو جمالو مٺا ماڙو ڪڇ جا- هو جمالو ڪارا ڏونگر ڪڇ جا – هو جمالو


Remember Me Also:

پاريو

ذ. ٽڪاڻو ڏيورو. ”جيئن عمر ڪوٽ ڀرسان راڻنَ جا پاريا“.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal